انٽرنيشنلنڪور خبرون

ميانمار: روهنگيا ۾ نسل ڪشي جي رپورٽنگ ڪرڻ تان گرفتار ڪيل ٻه صحافي آزاد

ميانمار: روهنگيا ۾ نسل ڪشي جي رپورٽنگ ڪرڻ تان گرفتار ڪيل ٻه صحافي آزاد

نيپائي تا: ميانمار ۾ روهنگيا مسلمانن تي ٿيندڙ ظلمن ۽ ڏاڍائن جي ڪوريج ڪندڙ پرڏيهي خابرو اداري (رائٽر) سان سلهاڙيل صحافين کي آزاد ڪيو ويو آهي. ميانمار جي حڪومت رائٽر سان سلهاڙيل رپورٽر والون ۽ ڪياسوئي او کي آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي ڊسمبر 2017ع تي گرفتار ڪيو هو جنهن کانپوءِ کين ست سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي هئي. گذريل هفتي ميانمار جي صدارتي آفيس مان بيان جاري ڪيو ويو آهي ته معافي تحت جلد 6 هزار 520 قيدين کي آزاد ڪيو ويندو، ۽ اڄ پرڏيهي خابرو اداري رائٽر لاءِ ڪم ڪندڙ ٻن صحافين کي به آزاد ڪيو ويو آهي. آزادي کان پوءِ  جيل ٻاهران ڳالهائيندي صحافي والو جو چوڻ هو ته آءٌ صحافي آهيان ۽ پنهنجو ڪم جاري رکندس، مان پنهنجي نيوز روم وڃڻ لاءِ وڌيڪ انتظار نٿو ڪري سگهان. ٻئي پاسي خابرو اداري رائٽر جي ايڊيٽر ان چيف اسٽيفن ايڊلر جو چوڻ آهي ته ميانمار حڪومت طرفان اسان جي بهادر رپورٽرن کي آزاد ڪرڻ تي خوش آهيون. سندس واپسي کي ڀليڪار چئون ٿا، هو قيد ۾ رهڻ کانپوءِ سموري دنيا ۾ آزاد صحافت جي نشاني بڻجي چڪا آهن. ياد رهي ته والون ۽ ڪياسوني وا ڊسمبر 2017ع ۾ گرفتار ٿيڻ کان اڳ رياست راکهني ۾ فوج جي ڪريڪ ڊائون جي دوران 10 روهنگيا مسلمانن جي قتل جي جاچ ڪري رهيا هئا. اقوام متحده جي رپورٽ موجب روهنگيا مسلمانن جي خلاف مينامار جي فوج جي آپريشن جي نتيجي ۾ 7 لک 30 هزار کان وڌيڪ روهنگيائي بنگلاديش لڏ پلاڻ ڪري ويا آهن.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close