
پاڪستاننڪور خبرون
نواز شريف جي جيل واپسي: جلوسن دوران ڪجهه به ٿيو ته ذميوار پنجاب حڪومت هوندي: مريم اورنگزيب
نواز شريف جي جيل واپسي: جلوسن دوران ڪجهه به ٿيو ته ذميوار پنجاب حڪومت هوندي: مريم اورنگزيب
لاهور: پاڪستان مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب جو چوڻ آهي ته نواز شريف کي جيل تائين الوداع چوڻ لاءِ ڪارڪن طئي ٿيل پروگرام موجب پهچندا جيڪڏهن جلوسن ۾ ڪجهه به ٿيو ته ان جي ذميوار پنجاب حڪومت هوندي. ن ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته نواز شريف کي جيل تائين الوداع چوڻ جي اڳواٽ طئي ٿيل پروگرام ۾ ڪا به تبديلي ناهي ڪئي وئي، پنهنجي قائد کي الوداع چوڻ لاءِ ڪارڪن طئي ٿيل پروگرام موجب پهچندا، جيڪڏهن پُرامن ڪارڪنن جي پنهنجي قائد سان محبت ۽ ساڻس ايڪي جي اظهار لاءِ جلوسن خلاف ڪجهه به ٿيو ته ان جي ذميوار پنجاب حڪومت هوندي. مريم اورنگزيب چيو ته وفاقي ۽ پنجاب حڪومت عقل ۽ هوش کان ڪم وٺي ۽ بوکلائپ ۾ چريائي وارو رستو اختيار نه ڪري. ٻئي طرف انتظاميه ۽ ليگي قيادت ۾ اختلاف ٿي ويا آهن ليگي قيادت ريلي جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. جيل ۽ ضلعي انتظاميه نوازشريف کي جيل قانون موجب شام جو 7 بجي کان پهريان جيل پهچڻ جي هدايت ڪئي آهي جڏهن ته ليگي اڳواڻن رات جو 12 بجي تائين نوازشريف کي جيل پهچائڻ جو اظهار ڪيو آهي. ليگي قيادت ساڍي 9 بجي نوازشريف کي ريلي جي صورت ۾ وٺي جاتي امرا کان رائيونڊ روانو ٿيندا. ياد رهي ته مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ميان نوازشريف کي طبي بنيادن تي مليل 6 هفتن جي ضمانت ۾ واڌ وارو ٽائيم اڄ ختم ٿي رهيو آهي. ان موقعي تي ليگي قيادت نوازشريف کي جاتي امرا کان ڪوٽ لکپت جيل موڪلڻ جي موقعي تي سياسي طاقت جو مظاهرو ڪندي.