
پاڪستاننڪور خبرون
وزيراعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس جاري
وزيراعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس جاري
اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس جاري آهي. ذريعن موجب وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ سيڪيورٽي اينڊ ايڪسچينج ڪميشن پاڪستان(ايس اي سي پي) جي ساليانه ڪارڪردگي رپورٽ مالي سال 18-2017 پيش ڪئي وئي. جڏهن ته ڪابينا جي ميمبرن کي تعليمي نظام جي حوالي سان به بريفنگ ڏني وئي. بائيولوجيڪل ۽ ٽاڪسن هٿيارن جي ڪنوينشن تي عمل جو بل پيش ڪرڻ به ايجنڊا جو حصو رهيو. جڏهن ته ڪابينا ۾ پيٽروليم ۽ پاور ڊويزن کي الگ وزارت بنائڻ جي قومي اسيمبلي کان منظور قرارداد به پيش ڪئي وئي. ڪابينا اجلاس ۾ ورڪرز ريڪروٽمينٽ متعلق پاڪستان سعودي عرب جي وچ ۾ ڪيل معاهدو منظوري جي لاءِ پيش ڪيو ويو. ڪابينا اقبال اڪيڊمي لاهور جي گورننگ باڊي ۾ خزانچي جي منظوري به ڏني ويندي. وفاقي ڪابينا اقتصادي رابطه ڪائونسل(اي سي سي) جي اجلاس جي فيصلن جي به توثيق ڪندي. ان کان اڳ پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافي جي منظوري ناڻي کاتي جي صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ جي صدارت هيٺ اي سي سي جي اجلاس ۾ ڏني وئي جنهن کي ڪابينا کان منظور ڪرائڻو هو پر ڪابينا اجلاس جي منظوري کان اڳ ئي پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. جڏهن ته ڪابينا جو وڌيڪ اجلاس جاري آهي ۽ ان ۾ اهم فيصلا ڪيا پيا وڃن.