رانديون

پاڪستان ڏکڻ آفريڪي وومين ٽيم کي 8 وڪيٽن تان هارائي ڇڏيو

پاڪستان ڏکڻ آفريڪي وومين ٽيم کي 8 وڪيٽن تان هارائي ڇڏيو

ڪيپ ٽائون : قومي وومين ڪرڪيٽ ٽيم ڏکڻ آفريڪا کي پهرين ون ڊي ۾ اٺن  وڪيٽن تان هارائي ڇڏيو. ڏکڻ آفريڪا وومين ٽيم خلاف پهرين ون ڊي ميچ ۾ قومي ٽيم ٽاس کٽي بالنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، پاڪستان وومين ٽيم اڳيان آفريڪي بيٽنگ لائين واري جي ڀت ثابت ٿي ۽ سڄي ٽيم 22 ڏهائي 5 اوورن ۾ رڳو 63 رنسن تي ڍير ٿي وئي. ڪلو ٽرائيون 21 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهي،   ميگنو دوپريز 18 رنسون ٺاهي سگهي جڏهن ته ڏکڻ آفريڪا جا 9 پليئر  ڊبل فگر ۾ پهچڻ ۾ ناڪام رهيا. پاڪستان طرفان ثنا مير زبردست بالنگ جو مظاهرو ڪندي ڇهن اوورن ۾ يارنهن رنسن عيوض چئن رانديگرياڻين کي پويلين ڀيڙو ڪيو. نشرا سنڌو ۽ ندا ڊار ٻه، ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون جڏهن ته فاطمه ثنا هڪ شڪار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي. ڏکڻ آفريڪا طرفان مليل 64 رنسن جي ٽارگيٽ 14 ڏهائي 4 اوورن ۾ حاصل ڪري ورتو.  پاڪستان وومين ٽيم طرفان ناهيدا خان ۽ صدرا امين اننگز جي شروعات ڪئي. پاڪستان جي پهرين وڪيٽ چئن رنسن تي ڪري، ناهيدا خان کي 4 رنسن تي ايس اسماعيل ڪلين بولڊ ڪيو، صدرا امين 10 رنسون ٺاهي ايم ڪيپ جو شڪار بڻي، جنهن کان پوءِ جويرا خان ۽ ڪپتان بسمعا معروف ذميواراڻي بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي ٽيم کي ڪاميابي ڏياري. جويرا خان 34 رنسون ۽ بسما معروف 12 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي. آفريڪا طرفان ايم ڪيپ ۽ ايس اسماعيل هڪ، هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.  ميچ ۾ زبردست ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي ثنا مير کي پليئر آف ميچ قرار ڏنو ويو .

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close