سنڌ جون خبروننڪور خبرون

آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر جي ضمانت ۾ ڏهه جون تائين واڌ

آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر جي ضمانت ۾ ڏهه جون تائين واڌ

اسلام آباد: اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر جي گڏيل ضمانت ۾ 10 جون تائين واڌ ڪئي وئي آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر جي گڏيل ضمانت بابت درخواست جي ٻڌڻي ٿي. ڪيس جي ٻڌڻي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني ۽ جسٽس عامر فاروق تي ٻڌل ڊويزن بينچ ڪئي. نيب جي طرفان ڪيس جو رڪارڊ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو جنهن جو عدالت به جائزو ورتو. آصف علي زرداري جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته ڇا اسان کي نيب طرفان جاري ڪيل ڪاغذ ملي سگهندا.؟ جنهن تي نيب جي وڪيل چيو ته اسان کي وقت ڏيو اسان رڪارڊ ڏسي جواب تي جواب ڏينداسين. جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته گهٽ ۾ گهٽ آئون ان ڳالهه کي رد ڪريان ٿو ته اڃان انتظار ڪرڻو پوندو. جيڪو ڪجهه پيش ڪيو ويو آهي ان جي بنياد تي هاڻ فيصلو ڪيو ويندو. جسٽس عامر فاروق چيو ته هي  نه اپيل آهي ۽ نه ٽرائيل، گرفتاري کان اڳ جي ضمانت واري درخواست آهي. جنهن تي فاروق ايڇ نائيڪ پنهنجي موقف ۾ چيو ته گرفتاري کان اڳ واري ضمانت ۾ به ڪچهه شيون آهن جن تي جواب ڏيڻ چاهيون ٿا. جسٽس عامر فاروق چيو ته اسان اڃان ڪيس جو رڪارڊ ناهي پڙهيو جڏهن ته نيب طرفان اوهان کي ڪاپي ڏني وئي آهي اوهان آرام سان پڙهي وٺو. هي ضمانت جي درخواست آهي. ضمانت جي پيرا ميٽرز کي نظر ۾ رکيو وڃي. عدالت چيو ته جيڪڏهن نيب چئي ڇڏي ته آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جو تعلق ناهي ته اسان درخواست ائين ئي  ختم ڪري ڇڏينداسين. نيب عدالت کي ٻڌايو ته جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر  جي ڪردار بابت ڪاغذ پيش ڪيا ويا آهن. سمورن جوابدارن جي ڪردار بابت عدالت کي آگاهه ڪنداسين. جيڪي اڪائونٽ ڪنهن اڪائونٽ هولدر جي اجازت کان بغير کوليا وڃن اهي جعلي اڪائونٽ آهن. عدالت طرفان پڇاڻو ڪيو ويو ته ڇا هي ڪنهن خاص مدي دوران اڪائونٽ کوليا ۽ استعمال ڪيا ويا.؟ جنهن تي نيب پراسيڪيوٽر ٻڌايو ته جعلي اڪائونٽس 2014 ۽ 2015 جي دوران کوليا ويا ۽ جعلي اڪائونٽس ڪيس ٻئي شخص جي نالي سان کوليا ويا. اهو انتهائي خطرناڪ ڏوهه آهي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close