
پاڪستانسنڌ جون خبروننڪور خبرون
ايندڙ چوويهه ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان
ايندڙ چوويهه ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان
اسلام آباد: موسميات کاتي ايندڙ 24 ڪلاڪن جي دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي. موسميات کاتي موجب هلندڙ هفتي جي دوران پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جا ميداني علائقا، جڏهن ته بلوچستان ۽ سنڌ صوبي ۾ موسم سخت گرم رهندو. اسلام آباد ۾ اڄ وڌ کان وڌ گرمي پد 39 کان 41 تائين رهڻ جو امڪان آهي. جمعي کان اولهه جي هوائن جو سلسلو ملڪ جي مٿانهين علائقن ۾ داخل ٿي ويندو ۽ اڱاري تائين جاري رهڻ جي اڳڪٿي سامهون آئي آهي. اهڙي طرح جمعي تي مالاڪنڊ، هزارا، گلگلت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ ڪجهه هنڌن تي برسات جو امڪان به آهي.گذريل 24 ڪلاڪن دوران به ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهندو. جڏهن ته پنجاب، ڪي پي ڪي جي مٿانهين علائقن، بلوچستان ۽ سنڌ صوبي ۾ موسم سخت گرم رهندو. جڏهن ته ڪي پي جي علائقي پارا چنار ۾ 93 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي. اڄ گرم ترين هنڌن ۾ جيڪب آباد 49، دادو، موهن جو دڙو، لاڙڪاڻو 48، رحيم يار خان، سبي، نورپور تهل، روهڙي، بهاولنگر، ۽ سکر ۾ 47 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.