سنڌ جون خبرون

رتوديرو ۾ ايڇ آءِ وي وائرس ڊاڪٽر مظفر گهانگهرو جي غفلت سبب پکڙيو: پوليس پاران جوڙيل جي آءِ ٽي رپورٽ پڌري

رتوديرو ۾ ايڇ آءِ وي وائرس ڊاڪٽر مظفر گهانگهرو جي غفلت سبب پکڙيو: پوليس پاران جوڙيل جي آءِ ٽي رپورٽ پڌري

لاڙڪاڻو: رتوديرو ۾ ايڇ آءِ وي ڦهلجڻ واري معاملي کان پوءِ لاڙڪاڻو پوليس پاران جوڙيل جي آءِ ٽي پنهنجي رپورٽ پڌري ڪري ڇڏي آهي. جنهن ۾ ڊاڪٽر مظفر گهانگهرو جي غفلت جي نشاندهي ڪئي وئي آهي، جنهن کان پوءِ کيس 322 قلم تحت چالان ڪيو ويو آهي.ان حوالي سان ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ ۽ جي آءِ ٽي جي سربراهه ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ ڪامران نواز پنجوٿه، ايس ايس پي لاڙڪاڻو مسعود احمد بنگش، اي ايس پي سٽي محمد ڪليم ملڪ سان گڏجي ايس ايس پي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته رتوديرو ۾ ايڇ آءِ وي ايڊز جي افسوس ناڪ صورتحال پئدا ٿي وئي آهي. جنهن ۾ ڪيترائي معصوم ٻارڙا هن مرض ۾ مبتلا ٿي ويا آهن ۽ ڪيترن ئي ٻارڙن توڙي وڏن ماڻهن جو علاج ڪندڙ ڊاڪٽر مظفر گهانگهرو پڻ ان مرض ۾ علاج دوران ئي مبتلا ٿيو آهي.هن چيو ته اهڙو معاملو ميڊيا تي اچڻ کان پوءِ ڊاڪٽر مظفر گهانگهري خلاف هڪ ايف آءِ آر داخل ٿي جنهن کان پوءِ پوليس هڪ جي آءِ ٽي جوڙي، پوليس جي جاچ دوران اِهو معلوم ٿيو آهي ته ڊاڪٽر مظفر گهانگهري ايڇ آءِ وي مرض کي ڄاڻي واڻي ناهي ڦهلايو پر ان معاملي ۾ ان جي غلفت بلڪل آهي ڇاڪاڻ جو هُو هڪ ٻار مٿان استعمال ٿيل سرنج ٻئي ٻار کي لڳائيندو هو.ڊاڪٽر کي اِها ڄاڻ نه هئي ته کيس به ايڇ آءِ وي آهي گڏوگڏ ڊاڪٽر جون مختلف ٽيسٽون ڪرايون جنهن ۾ هو ذهني طور ٺيڪ هو.هن چيو ته ان معاملي بابت اصل حقيقتون معلوم ڪرڻ لاءِ صحت کاتي کي خط لکيو هو جنهن کان پوءِ هنن ٽن ڊاڪٽرن تي مشتمل ڊاڪٽر شيلا باقي، ڊاڪٽر نبيل ۽ ڊاڪٽر عزيز الله تي مشتمل ٽيم موڪلي جنهن ميڊيڪل بنيادن تي سڄي معاملي جي جاچ ڪئي. هن چيو ته جاچ دوران اِهو معلوم ٿيو ته ڊاڪٽر مظفر گهانگهرو پنهنجي ڪلينڪ کي صاف سٿرو نه رکندو هو ان سبب به ايڇ آءِ وي مرض ڦهلجي سگهيو. هن چيو ته هن وقت تائين رتوديرو ۾ 700 کان وڌيڪ ماڻهو ايڇ آءِ وي ۾ مبتلا ٿي ويا آهن جنهن ۾ ٻارڙن جو تعداد وڌيڪ آهي. هن چيو ته اسان صرف ڊاڪٽر مظفر گهانگهرو خلاف ٿيل ايف آءِ آر واري حد تائين ان معاملي جي جاچ ڪئي آهي نه ڪي ان سموري صورتحال جي جاچ ڪئي. وڌيڪ ان معاملي جي جاچ لاءِ پرڏيهي ماهرن جي ٽيم ڪندي. هن چيو ته هن مرض جي روڪٿام لاءِ لاڙڪاڻو پوليس سيمينار ڪوٺائي عام ماڻهن ۾ جاڳرتا پئدا ڪئي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close