پاڪستاننڪور خبرون

نالائق اعظم جسٽس قاضي فائز تي ڪيس ڪري سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي: راڻا ثناءَ الله

نالائق اعظم جسٽس قاضي فائز تي ڪيس ڪري سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي: راڻا ثناءَ الله

لاهور: مسلم ليگ(ن) پنجاب جي صدر رانا ثناءُالله چيو آهي ته  نالائق اعظم جسٽس قاضي فائز تي ڪيس داخل ڪري سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. رانا ثناءَالله لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته نالائق اعظم سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ تي ڪيس ڪري قوم کي سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. قاضي فائز عيسيٰ جي ايمانداري تي پوري قوم گڏ آهي. مخالف ڌر کي ريليف ڏيندڙ ججن خلاف مختلف حربا استعمال ڪيا پيا وڃن. عدليه طرف وڌندڙ قدمن کي نه روڪيو ويو ته گهڻو نقصان ٿيندو. (ن) ليگ اڳواڻ چيو ته پوري قوم کي جعلي حڪومت خلاف مزاحمت ڪرڻي پوندي. جيڪو حڪومت خلاف مزاحمت ۾ شريڪ نه ٿيندو اهو پاڪستان جو خير خواهه ناهي. سمورين پارٽين جا ڪارڪن اسلام آباد پهچن ته ان کي ڏسنداسين. سليڪٽ حڪومت سليڪٽ عدليه، سليڪٽ ميڊيا ٺاهيا پيا وڃن. پارليامينٽ کي به سليڪٽد پارليامينٽ بڻايو ويو آهي. حڪومت جو رويو برداشت جوڳو ناهي. هاڻ گهڻو ٿيو صبر جو پيمانو هاڻ ڀرجي چڪو آهي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close