پاڪستاننڪور خبرون

ن ليگ هر موڙ تي اعليٰ عدليه سان گڏ آهي: مريم اورنگزيب

ن ليگ هر موڙ تي اعليٰ عدليه سان گڏ آهي: مريم اورنگزيب

لاهور مسلم ليگ(ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته ملڪ کي اونداهين مان ڪڍڻ ۽ ايٽمي طاقت بنائيندڙ جيل ۾ آهي. نوازشريف جي خلاف هڪ روپئي جي ڪرپشن به ثابت ناهي ٿي. هن چيو ته (ن) ليگ عدليه سان گڏ بيٺل آهي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته نوازشريف تي بلٽ پروف گاڏين جي استعمال ۽ ڪرپشن جو الزام هنيو ويو آهي پر ان جي خلاف هڪ روپئي جي ڪرپشن ثابت ناهي ٿي. نوازشريف سياسي قيدي آهي. مريم اورنگزيب چيو ته نوازشريف 11 هزار ميگاواٽ بجلي جا منصوبا لڳايا. ملڪ کي  اونداهين مان ڪڍيو. پر بدقسمتي سان ملڪ کي ايٽمي قوت بنائيندڙ ۽ اونداهين مان ڪڍڻ وارو اڄ پاڻ جيل ۾ بند آهي. نوازشريف چيو آهي ته منهنجي فڪر نه ڪريو. (ن) ليگ جي ترجمان وڌيڪ چيو ته اسان سڀاڻي نوازشريف جي چوڻ تي پارلياماني اڳواڻن جو اهم اجلاس گهرائي ورتو آهي. جنهن ۾ عدليه خلاف حملي ۽ آئينده جو لائحه عمل جوڙيو ويندو. جڏهن ته(ن) ليگ هر محاذ تي اعليٰ عدليه سان گڏ بيٺل آهي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close