انٽرنيشنلنڪور خبرون

افغانستان آپگهاتي بم حملي ۾ 2 اهلڪار فوت، 20 ٻار زخمي

ڪابل (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اوڀر افغانستان ۾ پوليس اسٽيشن ٻاهران ٽرڪ آپگهاتي بم حملي ۾ 2 پوليس اهلڪار فوت ۽ 20 ٻار زخمي ٿي پيا. افغانستان صوبي لغمان جي گورنر جي ترجمان اسد الله دولتزئي چيو آهي ته پوليس هيڊ ڪوارٽر جي عمارت ٻاهران ٿيل ڌماڪي ۾ ويجهو موجود مدرسي جي عمارت کي به نقصان پهتو آهي. هن چيو ته شيشي جا ٽڪرا لڳڻ سبب 20 شاگرد ۽ 6 پوليس آفيسر به زخمي ٿيا آهن. گهرو وزارت ڌماڪي ۾ فوتين ۽ زخمين جي انگ جي تصديق ڪندي ان حملي جو الزام طالبان تي مڙهيو آهي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close