انٽرنيشنل

والاريل ڪشمير: ڀارتي فوج ٽن ڪشميري نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو

سرينگر(مانيٽرنگ ڊيسڪ) والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج رياستي دهشتگرديءَ جي تازين ڪاررواين دوران اسلام آباد ضلعي ۾ وڌيڪ ٽن ڪشميري نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق فوج نوجوانن کي ضلعي ۾ سرچ آپريشن وارين ڪاررواين دوران هڪ جعلي مقابلي ۾ شهيد ڪيو. آخري اطلاعن تائين علائقي ۾ آپريشن جاري هو. هوڏانهن  والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن کي اڄ 73هون ڏينهن آهي. ڀارت پاران وادي جي حالتن کي نارمل ڏيکارڻ جا سمورا حربا ناڪام ٿي رهيا آهن.ڪشميرين ڀارت جي خلاف سخت مظاهرا ڪيا جنهن ۾ ڀارتي فوج کي ڪشمير کان ٻاهر نڪري وڃڻ بابت نعريبازي ڪئي وئي. ڪرفيو، لاڪ ڊائون ۽ پابندين جو هڪ ٻيو ڏينهن، جڳهه جڳهه تي ڀارتي فوجي مقرر آهن. بيمارن کي اسپتال منتقل ڪرڻ ۾ به پريشانيون پيش اچي رهيون آهن. دوائن تائين موجود ناهن.آپريشن جي انتظار ۾ مريض اسپتالن ۾ تڙپڻ تي مجبور آهن پر مودي سرڪار ظلم ڪرڻ کان باز نٿي اچي. وادي ۾ خوراڪ ۽ پاڻي جي به سخت کوٽ آهي، دڪانون ۽ ڪاروباري مرڪز بند آهن. ٽرانسپورٽ نه هجڻ جي برابر آهي. اسڪول ۽ ڪاليج به مسلسل بند آهن.جزوي طور تي پوسٽ پيڊ موبائيل فون کولڻ تي ڀارت کي سخت مزاحمت کي منهن ڏيڻو پيو. ڪشميرين ڀارت جي خلاف ۽ آزادي جي حق ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا. ڀارتي فورس ڪيترن ئي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close