شوبز

ٿيٽر ۾ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جو ڪو ارادو ناهي: ديدار

اسلام آباد (شوبز) اداڪاره ديدار چيو آهي ته هو ٿيٽر ۾ حادثاتي طور آئي آهي. خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته هن جو وڌيڪ رجحان پنهنيج پارلر ڏانهن آهي ۽ هاڻي هن جو ٿيٽر ۾ ڪم ڪرڻ جو ڪو ارادو ناهي. هن چيو ته کيس گهر ٺاهڻ جو تمام گهڻو شوق هو جيڪو 17 سالن جي عمر ۾ ئي پورو ٿي ويو. هن پنهنجي طبيعت بابت ڳالهائيندي چيو ته هو ضدي طبيعت جي مالڪ آهي ۽ ڪنهن کان مدد وٺڻ پسند ناهي ڪندي. هڪ سوال تي هن چيو ته مڙس ۽ ساهرا تمام سٺا آهن، انهن سڀني جو خيال رکڻ سندس پهرين ترجيع آهي. هن چيو ته کيس پنهنجو خيال رکڻ سٺو لڳندو آهي ۽ هو فٽنس قائم رکڻ لاءِ کائڻ جي معاملي ۾ تمام گهڻي احتياط ڪندي آهي. هن چيو ته کيس وقت، حالتن ۽ ماڻهن جي روين تمام مضبوط بڻائي ڇڏيو آهي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close