سنڌ جون خبروننڪور خبرون

ڇا هاڻي ڪُتا پڪڙڻ وارو ڪم به رينجرز کان ڪرايون، چونڊيل نمائندن جو ڪهڙو فائدو؟ سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ رولو ڪُتن جي آزاري ۽ وئڪسين نه ملڻ واري معاملي تي ڪاوڙ ظاهر ڪندي مڪاني سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ کي شوڪاز نوٽيسز جاري ڪري ڇڏيا. عدالت ريمارڪس ۾ چيو آهي ته چونڊيل نمائندن جو ڪهڙو فائدو؟ ڇا هاڻي ڪُتا پڪڙڻ وارو ڪم به رينجرز کان ڪرايون؟ سنڌ هاءِ ڪورٽ رولو ڪُتن جي آزار ۽ وئڪسين اڻلڀ هجڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي دوران مڪاني کاتي جي سيڪريٽري کي شوڪاز نوٽيسز جاري ڪري ڇڏيا، جڏهن ته سيڪريٽري صحت، ميونسپل ڪمشنر ڪراچي ۽ ڪمشنر ڊي ايم سيز کي پڻ ايندڙ ٻڌڻيءَ تي طلب ڪيو ويو آهي. ڇا ڪُتا پڪڙڻ وارو ڪم به رينجرز ڪندي؟ ٻڌڻيءَ دوران عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ جسٽس محمد علي مظهر ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڇا هاڻي ڪُتا پڪڙڻ وارو ڪم به رينجرز کان ڪرايون؟ چونڊيل نمائندن جو ڪهڙو فائدو، جيڪي نه ڪچرو کڻي سگهن ٿا، نه رستا ٺاهي سگهن ٿا ۽ نه ئي وري پاڻي مهيا ڪري سگهن ٿا. جسٽس محمد علي مظهر ڪاوڙ ظاهر ڪندي چيو ته نه ڊي ايم سيز ڪم ڪري رهيون آهن ۽ نه ئي ڪي ايم سي. ٻڌڻيءَ دوران صحت کاتي جي ايڊيشنل سيڪريٽري عدالت کي آگاهي ڏني ته رولو ڪُتن کي پڪڙڻ واري مهم شروع ڪرڻ جي حوالي سان جنوري کان هيل تائين 3 ليٽر لکيا ويا آهن. ڪالهه تائين سمورين اسپتالن ۾ 17 هزار کان وڌيڪ وئڪسينز موجود هيون. جسٽس محمد علي مظهر ريمارڪس ڏيندي چيو ته سمورين ڊي ايم سيز ۾ اهڙو ڪوبه ماڻهو نه آهي، جيڪو ٻڌائي سگهي ته ڪيترن رولو ڪُتن کي پڪڙيو ويو آهي. ڪُتا پڪڙڻ لاءِ گاڏيون ۽ فنڊز نه هجڻ جي دعويٰ ٻڌڻيءَ دوران ڪي ايم سي جي وڪيل چيو ته ڪي ايم سي وٽ ڪُتا پڪڙڻ واريون گاڏيون نه آهن، ڪي ايم سي وٽ پگهار ۽ پينشن ڏيڻ لاءِ به پئسا نه آهن، وٽن فنڊز آهن ئي ڪونه. عدالت پڇيو ته ڊي ايم سيز کي ڪيترا پئسا ڏنا ويا آهن؟ عدالت ڊي ايم سي جي وڪيل کان پُڇيو ته توهان وٽ ڪُتا پڪڙڻ لاءِ ڪيتريون گاڏيون موجود آهن؟ ڊي ايم سي جي وڪيل به چيو ته وٽن نه گاڏيون آهن ۽ نه ئي وري فنڊز. ڪُتا پڪڙڻ لاءِ ڪي ايم سي کان گاڏيون ورتيون وينديون آهن ۽ پيٽرول جا پئسا ادا ڪيا ويندا آهن. ڪو ماڻهو مري ويو ته ذميوار ڪير؟ ٻڌڻيءَ دوران عدالت صحت کاتي جي ايڊيشنل سيڪريٽري کان پُڇيو ته هن وقت ڪراچي جي سول ۽ جناح اسپتال ۾ ڪيتريون ائنٽي ريبيز وئڪسينز آهن؟ ايڊيشنل سيڪريٽري هيلٿ وراڻيو ته هن وقت 777 وئڪسينز موجود آهن. عدالت ريمارڪس ۾ چيو ته جيڪڏهن وئڪسين نه هجڻ سبب ڪو ماڻهو مري ويو ته ذميواري صحت کاتي جي ايڊيشنل سيڪريٽري مٿان هوندي. عدالت ٻڌڻي 22 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close