2011, SindhSujag Publication - . All rights reserved.
Powered By: PMedia

Stats
Sites Counter
ڪراچي جي سٽي ڪورٽ ٻٽي شهريت رکندڙ اسيمبلي ميمبرن ناديه گبول ۽ فرح ناز اصفهاني جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي سٽي ڪورٽ ٻٽي شهريت رکندڙ اسيمبلي ميمبرن ناديه گبول ۽ فرح ناز اصفهاني جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن. ڪراچي جي سٽي ڪورٽ ۾ سنڌ اسيمبلي جي ٻن ميمبرن ناديه گبول ۽ فرح ناز اصفهاني جي ٻٽي شهريت بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. فرح ناز اصفهاني جي وڪيل عدالت کي درخواست ڪئي ته هو علاج لاءِ پرڏيهه آهي انڪري کيس پيش ٿيڻ کان آجو قرار ڏيڻ جي درخواست منظور ڪئي وڃي. اليڪشن ڪميشن جي پراسڪيوٽر عدالت کي اپيل ڪئي ته جوبدار ڪيس کي اينگهائڻ لاءِ دير وارا وسيلا استعمال ڪري رهيا آهن انڪري سندن درخواست رد ڪئي وڃي. جنهن تي عدالت  ناديه گبول ۽ فرح ناز اصفهاني جا گرفتاري وارنٽ  جاري ڪري ڇڏيا. عدالت ٻنهي ايم پي ايز کي گرفتار ڪري پهرين سيپٽمبر تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو....

ڪڪڙ لڳ گاڏي ڪلٽي، 3 ڄڻا فوت ٿي ويا، ڊرائيور سميت 2 زخمي
دادو (نمائندو) ڪڪڙ ويجهو  گاڏي ڪلٽي ٿيڻ سبب ٽي ڄڻا فوت ٿي ويا ڊرائيور سميت ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا.  ڳڙهي خيرو جا رهواسي پراڊو گاڏي ذريعي زيارت لاءِ درگاه گاجي شاهه وڃي رهيا هئا ته ڪڪڙ ويجهو پيرجگ شيهن وٽ ٽائر برسٽ ٿيڻ  سبب گاڏي  ڪلٽي ٿي پئي.  حادثي جي نتيجي ۾ لوهر برادري جي چڱي مڙس ميرداد لوهر، غلام قادر لوهر، عبدالڪريم لوهر سميت ٽي ڄڻا ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا ۽ ڊرائيور امجد لوهر ۽ فقير لوهر سميت ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا.  ڪڪڙ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاشن ۽ زخمين کي تعلقي اسپتال کڻائي آئي 

جوهي ۾ پوليس چڙهائي ڪري 5 ڄڻن جي گرفتار ڪري ورتو
جوهي (نمائندو) جوهي ۾ پوليس چڙهائي  ڪري 5 ڄڻن جي گرفتار ڪري ورتو. دادو ۽ جوهي جي پوليس  شهر جي مختلف پاڙن ۾ چڙهايون ڪيون، جنهن دوران ڇاپا هڻي جسقم سان لاڳاپيل پنج ڄڻن قربان کوکر، هارون پنهور، شوڪت باهوٽو، حاجن بروهي ۽ خادم باهوٽو کي گرفتار ڪري ورتو . پوليس گرفتار ڪيل ڪارڪنن کي اڻ ڄاڻايل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو   ڪارڪنن جي گرفتاري سبب سندن وارثن ۾ ڳڻتي پکڙجي وئي

سنڌ ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي بابت رينجرز رپورٽ ڪميشن آڏو پيش ڪري ڇڏي 
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي بابت ڪميشن رينجرز پنهجي رپورٽ ڪميشن آڏو پيش ڪري ڇڏي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سنڌ ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي بابت ڪميشن جي ٻڌڻي ٿي ، ڪميشن  جي ٻڌڻي جسٽس اقبال ڪلهوڙو ڪئي . ڪميشن جي ٻڌڻي ۾ايڊوڪيت جنرل پيش نه ٿيڻ تي توهين عدالت بابت درخواست ايڊوڪيٽ شهاب اوستو موقف پيش ڪيو ته ايڊوڪيٽ جنرل وٽ ڪو به جواب ناهي . درخواست گذار جو چوڻ هو ته ايڊوڪيٽ جنرل مصروف آهي انڪري عدالت جو وقت ضايع ڪري پيو . واٽر ڪميشن ڪيس ۾ رينجرز عدالت ۾ پنهجي رپورٽ پيش ڪري ڇڏي ، رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته  ملير ۾ ريتي بجري جي چوري تي روزاني جي بنياد تي پيٽرولنگ ڪئي پئي وڃي.

ڏوهاري به انقلاب جي ڳالهه ڪري رهيو آهي سعيد غني
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پ پ اڳواڻ سعيد غني چيو آهي ته نااهل شخص ڏينهن رات عدالت کي چئلينج ڪري رهيو آهي، سند يافته ڏوهاري به انقلاب جي ڳالهه ڪري رهيو آهي. ملير ۾ آزادي ڏهاڙي جي حوالي سان سنڌ جي ثقافتي راند ملاکڙي جو اهتمام ڪيو ويو، جنهن ۾ ايم پي اي سعيد غني خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي سعيد غني جو چوڻ هو ته ڪراچي ۾ راندين جا ميدان آباد ڪرڻ سنڌ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. هن چيو ته نااهل شخص ڏينهن رات عدالت کي چئلينج ڪري رهيو آهي.

ڪراچي: عدالت ٻٽي شهريت رکندڙ پ پ جي ناديا گبول ۽ فرح ناز اصفهاني جا گرفتاري وارنٽ جاري ڇڏيا
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي عدالت ٻٽي شهريت رکندڙ اسيمبلي ميمبرن خلاف داخل درخواست تي پ پ جي ناديا گبول ۽ فرح ناز اصفهاني جا گرفتاري وارنٽ جاري ڇڏيا آهن، ٻنهي ڄڻين کي پهرين سيپٽمبر تي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. ڪراچي جي سيشن جج ڏکڻ جي عدالت ۾ ٻٽي شهريت رکندڙ اسيمبلي ميمبرن خلاف صوبائي اليڪشن ڪميشن جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي. فرح ناز اصفهاني جي وڪيل عدالت کي درخواست ڪئي ته سندس موقل علاج لاءِ ملڪ کان ٻاهر آهي، کيس حاضري کان ڇوٽ ڏني وڃي. اليڪشن ڪميشن جي پراسيڪيوٽر دليل ۾ چيو ته جوابدارن پاران دير وارا حربا استعمال ڪيا پيا وڃن، درخواست منظور نه ڪئي وڃي . عدالت اليڪشن ڪميشن جي وڪيل جي درخواست منظور ڪندي چيو ته ناديه گبول ۽ فرح ناز اصفهاني جي بريت بابت درخواستون رد ٿي چڪيون آهن، ٻنهي ڄڻين کي گرفتار ڪري پهرين سيپٽمبر تي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. عدالت چيو ته ٻنهي ڄڻين تي پهرين سيپٽمبر تي فرد جرم لاڳو ڪئي ويندي.