2011, SindhSujag Publication - . All rights reserved.
Powered By: PMedia

Stats
Sites Counter
حڪومت تعليم جي شعبي ۾ ڪا وڏي ڪاميابي حاصل ناهي ڪئي پر بهتري ڏانهن وڃون پيا: مراد علي شاهه
ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پاڪستان کي درپيش چيلنجن جو حل تعليم ۾ آهي، خانگي شعبي جي شراڪتداري سان سنڌ ۾ تعليم جو معيار بهتر ٿيو آهي. هن اها ڳالهه اڄ اقراءَ يونيورسٽي جي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. ان موقعي تي وڏي وزير سان گڏ سنڌ اسميبلي جو ميمبر سعيد غني ۽ ٻيا عملدار پڻ موجود هئا. وڏي وزير چيو ته تعليم صوبائي حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، بجيٽ جو وڏو حصو تعليم تي خرچ ڪيو ويندو آهي. اسان تعليمي ايمرجنسي لڳائي آهي. هن چيو ته حڪومت تعليم جي شعبي ۾ ڪا وڏي ڪاميابي حاصل نه ڪري سگهي پر اسان بهتري ڏانهن وڃون پيا. هن چيو ته پاڪستان کي درپيش چيلنجن جو حل تعليم ۾ آهي جيڪڏهن اسان اعليٰ معيار جي تعليم فراهم ڪريون ته ملڪ جو مستقبل محفوظ هوندو. هن چيو ته سنڌ حڪومت جي ڪوشش آهي ته صوبي جي سرڪاري تعليمي ادارن ۾ معياري تعليم ڏني وڃي. هن چيو ته تعليم جي شعبي جو سڀ کان وڏو مسئلو ايليمنٽري ۾ آهي، نجي شعبي جي ڀاڱيواري سان سنڌ ۾ تعليم جو معيار بهتر ٿيو آهي. اسان تعليم جي معيار ۾ اضافي لاءِ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ متعارف ڪرائي آهي. وڏي وزير يونيورسٽي جي انتظاميه ۽ چيئرمين جنيد لاکاڻي کي اقراءَ يونيورسٽي جو هارورڊ بزنس اسڪول سان معاهدي ڪرڻ تي مبارڪباد پيش ڪندي چيو ته اهو اقراءَ يونيورسٽي لاءِ وڏي اعزاز جي ڳالهه آهي. اقراءَ يونيورسٽي شروعات کان ئي معياري تعليم ڏني ۽ اقراءَ يونيورسٽي جو سنڌ ۾ تعليم جي ميدان ۾ اهم ڪردار رهيو آهي. اقراءَ يونيورسٽي گذريل ڪيترن ئي سالن کان بهترين ڪارناما انجام ڏنا. اڄ پڻ اقراءَ يونيورسٽي لاءِ تاريخي ڏينهن آهي. معياري تعليم جو فائدو فرد، ڪٽنب ۽ ملڪ کي ٿيندو آهي. هن وڌيڪ چيو ته هارورڊ بزنس اسڪول سان اقراءَ يونيورسٽي جو معاهدو نهايت اهم آهي. اقراءَ يونيورسٽي پنهنجي شاگردن کي عالمي معيار جي تعليم سان گڏ ايڇ بي ايڪس ڊگري ڏيندو. ايڇ بي ايڪس سرٽيفڪيشن سان عالمي معيار جي ڊگري اقراءَ يونيورسٽي کي پڻ ملندي. ان کان پهرين وڏي وزير يونيورسٽي جي مختلف شعبن جو دورو پڻ ڪيو.