2011, SindhSujag Publication - . All rights reserved.

Stats
Sites Counter
Powered By: PMedia
حڪومت تعليم جي شعبي ۾ ڪا وڏي ڪاميابي حاصل ناهي ڪئي پر بهتري ڏانهن وڃون پيا: مراد علي شاهه
ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پاڪستان کي درپيش چيلنجن جو حل تعليم ۾ آهي، خانگي شعبي جي شراڪتداري سان سنڌ ۾ تعليم جو معيار بهتر ٿيو آهي. هن اها ڳالهه اڄ اقراءَ يونيورسٽي جي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. ان موقعي تي وڏي وزير سان گڏ سنڌ اسميبلي جو ميمبر سعيد غني ۽ ٻيا عملدار پڻ موجود هئا. وڏي وزير چيو ته تعليم صوبائي حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، بجيٽ جو وڏو حصو تعليم تي خرچ ڪيو ويندو آهي. اسان تعليمي ايمرجنسي لڳائي آهي. هن چيو ته حڪومت تعليم جي شعبي ۾ ڪا وڏي ڪاميابي حاصل نه ڪري سگهي پر اسان بهتري ڏانهن وڃون پيا. هن چيو ته پاڪستان کي درپيش چيلنجن جو حل تعليم ۾ آهي جيڪڏهن اسان اعليٰ معيار جي تعليم فراهم ڪريون ته ملڪ جو مستقبل محفوظ هوندو. هن چيو ته سنڌ حڪومت جي ڪوشش آهي ته صوبي جي سرڪاري تعليمي ادارن ۾ معياري تعليم ڏني وڃي. هن چيو ته تعليم جي شعبي جو سڀ کان وڏو مسئلو ايليمنٽري ۾ آهي، نجي شعبي جي ڀاڱيواري سان سنڌ ۾ تعليم جو معيار بهتر ٿيو آهي. اسان تعليم جي معيار ۾ اضافي لاءِ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ متعارف ڪرائي آهي. وڏي وزير يونيورسٽي جي انتظاميه ۽ چيئرمين جنيد لاکاڻي کي اقراءَ يونيورسٽي جو هارورڊ بزنس اسڪول سان معاهدي ڪرڻ تي مبارڪباد پيش ڪندي چيو ته اهو اقراءَ يونيورسٽي لاءِ وڏي اعزاز جي ڳالهه آهي. اقراءَ يونيورسٽي شروعات کان ئي معياري تعليم ڏني ۽ اقراءَ يونيورسٽي جو سنڌ ۾ تعليم جي ميدان ۾ اهم ڪردار رهيو آهي. اقراءَ يونيورسٽي گذريل ڪيترن ئي سالن کان بهترين ڪارناما انجام ڏنا. اڄ پڻ اقراءَ يونيورسٽي لاءِ تاريخي ڏينهن آهي. معياري تعليم جو فائدو فرد، ڪٽنب ۽ ملڪ کي ٿيندو آهي. هن وڌيڪ چيو ته هارورڊ بزنس اسڪول سان اقراءَ يونيورسٽي جو معاهدو نهايت اهم آهي. اقراءَ يونيورسٽي پنهنجي شاگردن کي عالمي معيار جي تعليم سان گڏ ايڇ بي ايڪس ڊگري ڏيندو. ايڇ بي ايڪس سرٽيفڪيشن سان عالمي معيار جي ڊگري اقراءَ يونيورسٽي کي پڻ ملندي. ان کان پهرين وڏي وزير يونيورسٽي جي مختلف شعبن جو دورو پڻ ڪيو.
سپريم ڪورٽ انصاف نه ڪيو، نااهلي جو فيصلو اڳواٽ ئي ٿيل هو: نوازشريف 
گجرانوالا (مانيٽرنگ) اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف ڏوراپو ڏيندي چيو آهي ته سپريم ڪورٽ ساڻن انصاف ناهي ڪيو، هو اعليٰ ۾ ڪجهه به ڪن ها پر  نااهلي جو فيصلو اڳواٽ ئي ٿيل هو. گجرانوالا ۾ ن ليگ جو مشاورتي اجلاس اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ ٿيو. ان موقعي تي اجلاس کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته سپريم ڪورٽ جي ججن ساڻس انصاف ناهي ڪيو. هن چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته عوام پنهنجي ووٽ جو قدر ڪرائي. نواز شريف چيو ته هو عوام جي خدمت ڪرڻ چاهي ٿو پر اها به ڪرڻ نه ٿي ڏني وڃي.  اڳوڻي وزير اعظم چيو ته پٽ کان پگهار وٺڻ به ظلم ۽ پگهار نه  ظلم آهي“ ٻئي پاسي مريد ڪي ۾ ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته 20 ڪروڙ عوام ملڪ جو اصل مالڪ آهي،   هتان جي عوام جو جذبو سلامت رهيو ته خير ئي خير آهي. نواز شريف جو چوڻ هو هن ڪابه ڪرپشن ناهي ڪئي ۽ کيس چيو پيو وڃي ته سندس ڏوهه ايترو آهي ته هن پٽ کان پگهار نه ورتي. هن چيو ته ملڪ سان ستر سالن کان مذاق ٿي رهيو آهي،  2013 ۾ نه چلهه ٻرندي هئي ۽ نه وري ڪو ڪارخانو هلندو هو، اسان جي اچڻ کان پوءِ ملڪ  معاشي  رستي تي روان دوان آهي. هن چيو ته ترقي جي اها رفتار رهي ته ايندڙ ٻن ٽن سالن اندر بيروزگاري جو خاتمو اچي ويندو ۽ ملڪ خوشحال ٿيندو 
اطلاعات کاتي ۾ 5 ارب  رپين جي ڪرپشن وارو معاملو، شرجيل ميمڻ ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو نه ٿيو!
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي احتساب عدالت ۾اطلاعات کاتي ۾ 5 ارب  رپين جي ڪرپشن ريفرنس ۾ شرجيل ميمڻ ۽ ٻين جوابدارن تي اڄ به فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو. ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ اطلاعات کاتي ۾ 5 ارب  رپين جي ڪرپشن ريفرنس جي ٻڌڻي  ٿي، اڳوڻو صوبائي وزير شرجيل ميمڻ ۽ ٻيا پيش ٿيا. نيب جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته جوابدارن کي قانون موجب سمورا دستاويز فراهم ڪيا آهن. سندس چوڻ هو ته جوابدارن طرفان بار بار درخواستون ڏيڻ جو مقصد عدالت جو وقت ضايع ڪرڻ آهي. هن عدالت کي اپيل ڪئي ته جوابدارن جون دستاويز فراهم ڪرڻ بابت درخواستون ٻڌڻ جوڳيون نه آهن رد ڪيون وڃن. جنهن تي شرجيل ميمڻ جي وڪيل چيو ته نيب پاران قانوني گهرجون پوريون ناهن ڪيون ويون، قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ بغير فرد جرم لاڳو نٿو ڪري سگهجي.   شرجيل ميمڻ جي وڪيل جي دخواستن تي نيب پراسيڪيوٽر کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. عدالت شرجيل ميمڻ ۽ ٻين خلاف ريفرنس جي ٻڌڻي 19 آگسٽ تائين ملتوي ڪئي وئي